بزم طالب الموليٰ سنڌ

بزم طالب الموليٰ سنڌ: سروري جماعت جي اڳواڻي سرواڻ مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ جي سرپرستيءَ ۾ قائم ڪيل سنڌ جي اهم علمي ادبي تنظيم، جنھن جو بنياد 1958ع ڌاري پيو. شروع ۾ هي ادبي تنظيم پير علي محمد ’اظھر قريشي‘، پير رکيل ريلائي، ضلعي دادوءَ ۾ قائم ڪئي. ان جي تقليد ۾ سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ پڻ هن ’بزم‘ جون شاخون قائم ٿيڻ لڳيون. 1958ع ڌاري مخدوم محمد امين فھيم، ڊاڪٽر اسد الله شاهه ’بيخود‘ حسيني، مولانا غلام محمد گرامي، پير محبوب علي قريشي، پير شاهنواز شاهه ”عارف الموليٰ“، احسن الھاشمي، محبوب سروري، شبير ’هاتف‘، حافظ شاهه حسيني ’ناطق‘، انور هالائي، محمد جمن هالو، پير علي محمد اظھر قريشي، الھه بخش سرشار عقيلي، امداد حسيني، عبداللطيف راز بلڙائي ۽ ٻين دوستن يڪراءِ فيصلو ڪري مخدوم طالب الموليٰ جي اجازت سان ’بزم طالب الموليٰ‘ کي مرڪزي ادبي تنظيم جي حيثيت ڏني وئي. الھه بخش سرشار عقيلي ”بزم طالب الموليٰ“ جي نالي سان هڪ ڪتابچو شايع ڪيو، جنھن ۾ ادبي جماعت کي ”فقيرانه تحريڪ“ قرار ڏنو ۽ ’بزم طالب الموليٰ‘ جي متن ۽ ڪارگذاري جي وضاحت سان گڏ هيٺين 29 شاخن جي قيام بابت معلومات شايع ڪئي.
پير رکيل ريلائي، پٿورو، ميرپور بٺورو، ڪراچي، تاجپور، ٽنڊو آدم، ٽنڊو الھيار، ڄام صاحب، سعيد آباد، ٽنڊو حيدر، پٽڻي، ٺٽو، ڊگهڙي، خيرپور ناٿن شاهه، پير بخش ميربحر، قاضي احمد، ٿرڙي جادو شھيد، ڪرم خان نظاماڻي، کپرو، سنڌڙي، هالا، بدين، کاهي، ماتلي، بجياري شريف، حيدر آباد، قنبر، درويش ۽ نواب شاهه (موجوده شھيد بينظير آباد).
مٿي ذڪر ڪيل شاخن مان صرف چند شاخون فعال رهيون. مرڪز جو ڪنھن به شاخ سان ڪو رابطو نه هو پر بزم کي سنڌي ادب جي جماعتي حيثيت ملي ويئي. انهي سال (1958ع) لنڊن ۾ به بزم جي شاخ کولي وئي. جنھن جو صدر عزيز صوفي رهيو، جيڪا اڄ تائين قائم آهي. سال 1963ع ۾ هي جماعت رجسٽرڊ ٿي. 7 مئي 1967ع تي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ مرڪز ۽ شاخن کي منظم ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو ويو. جن نون ساٿين هن ادبي ڪم ۾ عملي ڪارڪردگي ڏيکاري اُنهن ۾: فقير محمَّد عيسيٰ مست، حسين بخش خادم، مصري مائل ڪاڪا، علي احمد شاههساقي‘، خان آصف مصراڻي'>احمد خان آصف مصراڻي، رئيس دوست علي خان، هيسب خان نوادڻي، مھر علي طابع، گلشير ڪاڪا، پير منصور علي، امان الله شاد، غلام رسول راز باڊاهي، ولي سروري، امداد حسيني، مرتضيٰ ڏاڏاهي ۽ غلام هالائيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن. 11 نومبر 1972ع تي بزم جي مرڪزي آفيس حيدرآباد کان هالا منتقل ڪري، آئين ۾ نئين سر واڌارا سڌارا آڻڻ لاءِ سيد حيدر شاهه ”حيدر“، ڊاڪٽر اسدالله شاه حسيني، ولي سروري، انور هالائي، محبوب سروري ۽ مصري مائل ڪاڪا تي مشتمل هڪ نئين ڪميٽي ٺاهي وئي، نئون آئين ٺاهڻ لاءِ ميمبرن جو تعداد پورو نه هجڻ سبب ٻه سال لڳي ويا. ان دوران مخدوم خليق الزمان ’خليق‘ به مرڪزي بزم جو نائب صدر چونڊيو ويو، هن آئين ٺھرائڻ لاءِ ڪميٽي جي ميمبرن ۾ ردو بدل ڪري آئين جو مسودو تيار ڪيو ويو. موجوده آئين چئن ميمبرن: سيد حيدر شاهه، ولي سروري، مصري مائل سروري ۽ انور هالائي جوڙيو. مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ جي زير صدارت 15 اپريل 1979ع تي ٿيل گڏجاڻي ۾ آئين جي پھرين پڙهڻي بحال ڪئي وئي. اهڙيءَ طرح 27 جولاءِ 1979ع تي موجوده آئين ۽ قاعدا مرڪزي بورڊ بحال ڪيا ۽ ان آئين مطابق بزم جي چيئرمئن مخدوم ’طالب الموليٰ‘ نئين آئين جي توثيق ڪئي. ان وقت سنڌ ۾ جن شاخن جو وجود هو، انهن جا نالا هي آهن:
سونڊا، کپرو، جهڏو، پير بخش ميربحر، صوفي فقير، ڪراچي، نندو شھر، تلھار، ٽنڊوالھيار، خيرپورناٿن شاهه، باڊهه، پير رکيل ريلائي، پٿورو، مورو، هالا، روهڙي، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، نم شريف ۽ اسلام آباد. آئين تي عمل ڪرڻ ۽ مرڪز ۽ شاخن جي وچ ۾ الحاق قائم ڪرڻ لاءِ شاخن سان خط و ڪتابت ڪئي ويئي ۽ هيٺيان عھديدار مرڪز ۾ چونڊيا ويا:
سرپرست اعليٰ: مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ. سينئر وائيس چيئرمئن: مخدوم محمد امين فهيم. جونيئر وائيس چيئرمئن: (1) مخدوم خليق الزمان ۽ (2) سيد حيدر شاهه. سيڪريٽري جنرل: مصري مائل ڪاڪا. جوائنٽ سيڪريٽري: انور هالائي. خزانچي: غلام هالائي. جڏهن ته انتظامي ڪائونسل تي هيٺيان ميمبر کنيا ويا: محمد جمن هالو، امان الله شاد، پير علي محمد اظھر، محبوب سروري، غلام رسول راز باڊاهي، ولي سروري، احسن الھاشمي، ڊاڪٽر اسدالله شاهه حسيني، امداد حسيني، مرتضيٰ ڏاڏاهي ۽ پير علي بھادر. نئين آئين ۾ درستي ۽ سڌارا ڪرڻ کان پوءِ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي سرپرست بدران مستقل چيئرمئن قرار ڏنو ويو. نئين آئين بحال ڪرڻ کان پوءِ ٻن سالن تائين ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ سبب مصري مائل ڪاڪا (مائل سروري) کي سيڪريٽري جنرل جي عھدي تان هٽائي، اضافي چارج جوائنٽ سيڪريٽري انور هالائيءَ جي حوالي ڪئي وئي. اپريل 1981ع ۾ بزم جي شاخن کي ٻيھر منظم ڪرڻ لاءِ ميمبرن: (1) مخدوم امين فهيم، (2) مخدوم خليق الزمان ”خليق“، (3) مخدوم شفيق الزمان، (4) سيد حيدرشاهه، (5) سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي، (6) ولي سروري، (7) حسين بخش خادم، (8) غلام هالائي، (9) خوشتر سروري، (10) سرفراز راڄڙ ۽ (11) انورهالائي تي ٻڌل نئين انتظامي ڪائونسل جوڙي وئي. 25 ڊسمبر 1981ع تي بزم جي پليٽفارم تان ’ڪل سنڌ ڪنوينشن‘ ڪاميابيءَ سان منعقد ٿيو، جنھن ۾ هيٺين شاخن جو الحاق منظور ڪيو ويو:
(1) هالا، (2) نم شريف، (3) روهڙي، (4) پٽڻي، (5) پٿورو، (6) سونڊا، (7) پير بخش ميربحر، (8) ملنگ منڱريو، (9) ڪراچي، (10) خيرپور ناٿن شاهه، (11) باڊه، (12) پير رکيل ريلائي، (13) ٽنڊوالھيار، جڏهن ته (14) کپرو، (15) سرهاڙي ۽ (16) هالا پراڻا جي شاخن کي تجرباتي طور منظور ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح بزم طالب الموليٰ جي مرڪز ۽ شاخن ۾ انتظامي ۽ عملي رابطو قائم ٿيو. 1982ع ۾نم شريف، سونڊا، ٽنڊي الھيار شاخن کي معطل ڪيو ويو، جڏهن ته سرهاڙي، هالا پراڻا ۽ کپرو شاخن کي پڪو الحاق مليو. مرڪزي انتظامي ڪائونسل ۾ مخدوم طالب الموليٰ مذڪوره ميمبرن: 1. اصغر علي هالو 2. عبدالنبي خاتم 3. جاويد بلوچ 4. الھنواز رڪڻائي، غلام هالائي ۽ قاضي عبدالحق انصاريءَ جو اضافو ڪيو. مرتضيٰ ڏاڏاهي پاران مسلسل هڪ سال ڪنھن به ڪائونسل جي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت نه ڪرڻ سبب سندس رڪنيت ختم ڪري ان جي جاءِ تي شوڪت قريشيءَ کي شامل ڪيو ويو. هن وقت بزم جي تيرهن شاخن ۽ مرڪز جي وچ ۾ رابطو ۽ لاڳاپو بحال آهي.


لفظ بزم طالب الموليٰ سنڌھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو